اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) حڪومت گذريل سال معيشت، صحت، تعليم، پرڏيهي پاليسي، سماجي ڀلائي سميت مختلف شعبن ۾ نمايان ڪاميابيون ۽ هدف حاصل ڪيا، ڪشمير مسئلي ک?? موثر طريقي سان سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪي?? ويو، مني لانڊرنگ، دهشتگردي ۽ عصمت دري جي روڪٿام جي لاءِ قانونسازي ڪئي وئي، افعان امن بحالي لاءِ پاڪستان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪي??، روانگي واپار جي حوصلا افزائي لاءِ رليف پيڪيج ڏنو ويو، جولائي کان نومبر 2020ع تائين ڪرنٽ اڪائونٽ بلينس هڪ ارب 60 ڪروڙ ڊالر سرپلس ره??و، جولائي کان نومبر 2020ع تائين مٽاسٽا جي ناڻي جو ڪاٿو 27 سيڪڙو جي اضافي سان 11 ارب 80 ڪروڙ ڊالر ۽ جولاءِ کان ڊسمبر 2020ع تائين روانگي واپار جو ڪاٿو 5 سيڪڙو اضافي سان 12 ارب 10 ڪروڙ ڊالر جڏهن ته جولاءِ کان آڪٽوبر 2020ع تائين وڏين صنعتن جي واڌويجهه جي شرح 6.7 سيڪڙو ره?? آهي،
پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا فيبروري 2018ع کانپوءِ 13 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي بلند ترين سطح تي ره??ا، ٽيڪسٽائيل جي صنعت کي مڪمل طور تي فعال ڪي?? ويو، ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊيم منصوبن تي ڪم جاري آهي، ماڪڙ جي خاتمي جي لاءِ موثر حڪمت عملي ٺاهي وئي، نئون پاڪستان هائوسنگ منصوبي تحت 20 هزار گهرن جي تعمير جي لاءِ 100 ارب رکيا ويا، احساس پروگرام تحت تاريخي رليف ڏنو ويو، ڪووڊ – 19 جي وبا جي ڪري لاڪ ڊائون دوران 15 ملين خاندانن ۾ شفاف انداز ۾ 180 ارب روپيا ورهايا ويا، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ ۽ روزگار جي فراهمي جي لاءِ گرين پيڪيج ڏنو ويو، ملڪ ۾ وينٽي ليٽرز ۽ طبي اوزارن جي تياري شروع ٿي، 2021ع ۾ سڄي ملڪ ۾ پناهگاهن جي انگ ۾ اضافو ڪي?? ويندو ۽ ”ڪو به بکيو نه سمهي“ منصوبو شروع ڪرڻ سان گڏوگڏ سمورن شهرين کي يونيورسل هيلٿ ڪوريج فراهم ڪئي ويندي. ڪالهه سومر ڏينهن وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران 2020ع ۾ حڪومتي ڪارڪردگي بابت جاري جائزه رپورٽ موجب ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وبا سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال ک?? موثر طور تي منهن ڏيڻ لاءِ عوامي صحت جي حوالي سان قومي سلامتي ڪميٽي جو پهريون ڀيرو اجلاس منعقد ڪي?? ويو ۽ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جو قيام عمل ۾ آندو ويو جيڪو ڪورونا وائرس جي وبا سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ ان سلسلي ۾ ره??مائي جو فرض سرانجام ڏئي ره??و آهي، حڪومت احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام ۽ ٻين اقتصادي بهتري جي قدمن جي ذريعي 180 ارب روپيا مستحق ماڻهن ۾ ورهايا ويا جڏهن ته مجموعي طور تي 12 کرب روپين جو رليف پئڪيج ڏنو آهي، حڪومت ڪورونا وائرس جي وبا کان بچاءُ ۽ ڪاروباري سرگرميون جاري رکڻ جي لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي اختيار ڪئي، ان کانسواءِ تعميراتي صنعت جي لاءِ وڏو پئڪيج ڏنو آهي جنهن جو بنيادي مقصد ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيت طبقي جي روزگار کي برقرار رکڻ آهي، حڪومت جي ان بهترين قدمن جو صحت جي عالمي اداري به اعتراف ڪي?? آهي، رپورٽ موجب حڪومت ملڪ کي فلاحي رياست بڻائڻ ۽ مديني جي رياست جي طرز تي معاملا هلائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري ره?? آهي، ان سلسلي ۾ احساس ڪفالت پروگرام شروع ڪي?? ويو آهي جنهن سان 70 لک خاندانن، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جا 20 لک خاندان فائدو کڻندا،
ان سان گڏوگڏ احساس آمدني پروگرام، احساس انڊر گريجوئيٽس اسڪالرشپس جي فراهمي ۽ ٻارن ۾ غذائي کوٽ جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ احساس نشو نما پروگرام به حڪومتي حڪمت عملي جو حصو آهي، ڪوويڊ – 19 جي وبا جي ڪري لاڪ ڊائون سبب متاثر 15 ملين خاندانن کي شفاف انداز ۾ 180 ارب روپيا ورهايا ويا جنهن سان معاشري جي ڪمزور ۽ مستحق طبقن کي وڏو رليف مليو آهي، حڪومت صحت جي شعبي جي بهتري ۽ عوام کي صحت جي بهترين جي سهولتن جي فراهمي لاءِ عملي قدم کنيا آهن، هر خاندان جي لاءِ صحت سهولت ڪارڊ جاري ڪي?? ويو آهي جنهن تحت سڄي پنجاب ۾ 2021ع جي آخر تائين ۽ خيبرپختونخواهه ۾ جنوري 2021ع جي پڄاڻي تي، فاٽا جي ضم ٿيل علائقن سميت سڄي خيبرپختونخواهه ۾، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ سمورن سرڪاري ۽ نجي اسپتالن مان صحت سهولت ڪارڊ رکندڙ 10 لک روپين تائين ساليانو علاج ڪرائي سگهن ٿا، حڪومت عوام کي علاج جون جديد سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ وينٽي ليٽرز ۽ اسٽنٽس سميت طبي اوزارن جي ملڪ جي اندر تياري جو عمل شروع ڪي?? آهي، اسلام آباد ۾ آئيسوليشن اسپتال ۽ انفيڪشنز ٽريٽمينٽ سينٽر، ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور ۾ ميڊيڪل، سرجيڪل ۽ الائيڊ سروسز بلاڪ جو افتتاح ڪي?? ويو آهي، ڊسٽرڪٽ هيڊڪورٽر اسپتال حافظ آباد، ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال چڪوال جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي، ان کانسواءِ پشاور ۾ 250 بسترن جي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيولاجي جو به افتتاح ڪي?? ويو آهي جنهن سان انهن علائقن جي ماڻهن کي علاج جون بهترين ۽ جديد سهولتون ملنديون. تعليم جي شعبي جي ڪارڪردگي به بهتر بڻائڻ جي لاءِ حڪومت ٺوس قدم کنيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ هڪ جهڙي تعليمي نصاب کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، يونيورسٽي آف حافظ آباد، يونيورسٽي آف چڪوال، نمل، ناليج سٽي فيز ون، سيالڪوٽ يونيورسٽي آف اپلائيڊ انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو آهي جڏهن ته هريپور ۾ پاڪ آسٽريا فيڪو چولي انسٽيٽيوٽ جو افتتاح ڪي?? ويو آهي، هڪ جهڙو تعليمي نصاب 2023ع تائين لاڳو ڪي?? ويندو،
موسمياتي تبديلي جي شعبي ۾ حڪومت ملڪ جي سڀ کان وڏي ٻيلي ڪنديان ميانوالي ۾ 25 ڪروڙ ٻوٽا لڳائڻ جو منصوبو شروع ڪي?? آهي جنهن سان ماحولياتي مسئلن تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ ۽ روزگار جي فراهمي جي لاءِ گرين اسٽيمولس پيڪيج ڏنو ويو آهي، برسات ج?? موسم ۾ وڻڪاري ۾ به وڏي پئماني تي ٻوٽا لڳايا ويا آهن، ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي وڻڪاري مهم تحت 19 آگسٽ 2020ع تي 35 لک ٻوٽا لڳايا ويا آهن، ماکيءَ جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ هڪ ارب وڻ هڻڻ جو منصوبو بڻايو ويو آهي ۽ ملڪ ۾ ٻيلن جي لاءِ محفوظ علائقن جي انگ ۾ اضافو ڪي?? پيو وڃي، حڪومت ماحول کي سرسبز ۽ شاداب ۽ صاف سٿرو رکڻ جي لاءِ ڪلين گرين انڊيڪس ايوارڊ جاري ڪي?? آهي، خيبرپختونخواهه ۾ ايڪو ٽوئرازم جي لاءِ پروگرام جاري ڪي?? ويو، ماڪڙ جي بحران کي ڪاميابي سان منهن ڏنو ويو، وز??راعظم عمران خان گڏيل قومن تحت بايو ڊائيورسٽي سمٽ، آسٽرين ورلڊ سمٽ ۽ ڪلائيميٽ ايمبيشن سمٽ کي خطاب ڪري ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ ماحولياتي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي قدمن کي اجاگر ڪي?? آهي، موجوده حڪومت عوام کي رهائش جي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ به مختلف منصوبا شروع ڪيا آهن ۽ ان سلسلي ۾ وز??راعظم عمران خان 100 ارب روپين جي لاڳت سان نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تحت 20 هزار رهائشي يونٽس تعمير ڪرڻ جي منصوبي جو افتتاح ڪي??، ان کانسواءِ علامه اقبال انڊسٽريل سٽي فيصل آباد جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو، پشاور ۾ بي آر ٽي جو افتتاح ڪي?? ويو جڏهن ته ڪراچي ۾ عوام کي بهتر سهولتن جي فراهمي جي لاءِ ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان ۽ ڪراچي پيڪيج ڏنو ويو آهي، جڏهن ته راوي اربن ڊولپمينٽ پيڪيج، تربيلا ۽ منگلا جي تعمير جي 5 ڏهاڪن کانپوءِ ٻن وڏن ڊيمن ڀاشا ۽ مهمند ڊيم جي تعمير، آزاد پتڻ ۽ ڪوهالا هائيڊرو پراجيڪٽ تي ڪم جاري آهي، مهمند شيخ زيد روڊ جو افتتاح ڪي?? ويو آهي،
سي پيڪ تحت خصوصي اقتصادي زون جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، شيخوپوره قائداعظم بزنس پارڪ، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ هاءِ اسپيڊ براڊ بينڊ پراجيڪٽ ۽ چڪوال ناردرن باءِ پاس حڪومت جي ترقياتي منصوبن جو حصو آهن، معيشت جي شعبي ۾ به موجوده حڪومت نمايان ڪاميابيون حاصل ڪي??ن آهن، جولاءِ 2020 کان نومبر 2020ع تائين ڪرنٽ اڪائونٽ بيلنس هڪ ارب 60 ڪروڙ ڊالر سرپلس ره??و آهي جڏهن ته مالي سال 2018ع ۾ اهو ڪرنٽ اڪائونٽ بيلنس جو خسارو 7 ارب 20 ڪروڙ هو، جولاءِ کان نومبر 2020ع تائين مٽاسٽا جي ناڻي جو ڪاٿو 27 سيڪڙو جي حساب سان 11 ارب 80 ڪروڙ ڊالر ۽ جولاءِ کان ڊسمبر 2020ع تائين روانگي واپار جو ڪاٿو 5 سيڪڙو اضافي سان 12 ارب 10 ڪروڙ ڊالر جڏهن ته جولاءِ کان آڪٽوبر 2020ع تائين وڏين صنعتن جي واڌويجهه جي شرح 6.7 سيڪڙو ره??، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا فيبروري 2018ع کانپوءِ 13 ارب ڊالر جي بلند ترين سطح تي ره??ا، رپورٽ موجب ٽيڪسٽائيل انڊسٽري هن وقت پنهنجي مڪمل صلاحيت سان هلي ره?? آهي، 80 هزار پاور لومز ٻيهر هلي ره??ا آهن، 50 هزار پراڻي پاور لومز کي به هلايو ويو آهي جڏهن ته 30 هزار نوان پاور لومز به پيداوار ڏئي ره??ا آهن، سيمنٽ جي صنعت به پنهنجي مڪمل صلاحيت موجب ڪم ڪري ره?? آهي ۽ سيمنٽ جي خريداري جي لاءِ رڪارڊ آرڊر مليا آهن، ملڪ ۾ گاڏين، موٽرسائيڪلن، رڪشن جو وڪرو وڌي ره??و آهي، ٽيڪس جي وصولي ۾ به اضافو ٿي ره??و آهي، حڪومت صنعتن جي لاءِ انرجي رليف پيڪيج ڏنو ته جيئن پائيدار اقتصادي واڌويجهه جي شرح جي لاءِ روانگي واپار کي وڌائي سگهجي، پرڏيهي پاليسي جي شعبي ۾ به موجوده حڪومت هڪ ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، وز??راعظم قطر، ملائيشيا جا دورا ڪيا، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر وولڪن بوزڪير پاڪستان جو دورو ڪي??،
وزيراعظم عمران خان به پهرين ڀيرو ڪابل جي دوري تي ويو، افغان امن عمل ۾ پاڪستان جو مثبت ڪردار به جاري آهي، افغان اڳواڻ گلبدين حڪمت يار طالبان پوليٽيڪل ڪميشن جي ميمبرن ۽ افغان اڳواڻ عبدالله عبدالله پاڪستان جا دورا ڪيا، وز??راعظم عمران خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۽ ان سان گڏوگڏ موسمياتي تبديلي، مني لانڊرنگ ۽ ڪورونا وائرس جي وبا جي صورتحال بابت مختلف اجلاسن کي به خطاب ڪي??، ڪشمير مسئلي کي ملڪي ۽ عالمي سطح تي اجاگر ڪي?? ويو. 5 فيبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو، 13 جولاءِ تي ڪشمير جي شهيدن جو ڏهاڙو، 5 آگسٽ تي ڪشمير يوم استحصال ۽ 27 آڪٽوبر تي يوم سياه ڪشمير ملهايو ويو. وز??راعظم عمران خان ٻه ڀيرا آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪي??، ان کانسواءِ حڪومت مني لانڊرنگ، دهشتگردي ۽ جنسي ڏوهن جي روڪٿام لاءِ قانونسازي کي يقيني بڻايو، سينيٽ جون چونڊون اوپن بيلٽ ۽ ايندڙ عام چونڊون اي ووٽنگ جي ذريعي ڪرائڻ جي لاءِ وز??راعظم عمران خان پاليسي جو اعلان ڪي?? آهي جڏهن ته گلگت بلتستان کي صوبي جو درجو ڏيڻ جي لاءِ به وز??راعظم عمران خان اعلان ڪي?? آهي، وز??راعظم عمران خان عوام کي صحت جي بهترين ۽ جديد سهولتن جي فراهمي ۽ معاشري جي ڪمزور ۽ مستحق طبقن جي مدد لاءِ 2021ع جي لاءِ خصوصي هدف مقرر ڪيا آهن جنهن تحت 2021ع ۾ سمورن شهرين کي صحت جي مفت سهولت فراهم ڪئي ويندي، احساس پروگرام تحت جلد هڪ نئون منصوبو ” ڪو به پاڪستاني بکيو نه سمهي“ شروع ڪي?? ويندو.