اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته آدمشماري جي بنيادي فريم ورڪ تي 6 کان 8 ه??تن ۾ ڪم مڪمل ٿي ??ين??و ۽ سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ نئين آدمشماري جو عمل شروع ٿي ??ين??و، نئين آدمشماري جو عمل مارچ 2023ع تائين مڪمل ڪيو ??ين??و، آدمشماري ??لي??شن جو بنياد بڻجندي آهي ۽ 2023ع ??لي??شن نئين آدمشماري موجب نه ٿي ته ننڍن صوبن جي نمائندگي گهٽ ٿي ??ين??ي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته آدمشماري جي حوالي سان ڪابينا جي ڪميٽي پڻ ٺاهي وئي ۽ ان ان حوالي سان پنهنجون سفارشون به جوڙيون. هن چيو ته آدمشماري ??لي??شن جو بنياد بڻجندي آهي ۽ تازي تڪبندين جي بنياد تي تڪبنديون ڪيون وڃن ٿيون ۽ انهي جي بنياد تي ??لي??شن ڪرايون وڃن ٿيون جڏهن ته 2018ع جي ??لي??شن کي خاص آئيني ترميم ذريعي خصوصي ڇوٽ ڏني وئي هئي. هن چيو ته ضمني چونڊون پراڻي تڪبندين ۽ آدمشماري سان ٿي سگهن ٿيون پر مقامي حڪومتن جون چونڊون نئين آدمشماري جي بنياد تي ئي ٿينديون ۽ ان ۾ عدليه جي به تمام گهڻي دلچسپي آهي. وفاقي وزير چيو ته 2023ع ??لي??شن کان اڳ آدمشماري تي حتمي فيصلو نه ٿيو ته آئيني ترميم جي ڇوٽ ختم ٿيڻ سبب ايندڙ ??لي??شن 1998ع جي ئي آدمشماري جي بنياد تي ٿينديون جنهن جي نتيجي ۾ ٽنهي ننڍن صوبن جي اسيمبلي ۾ نمائندگي گهٽ ٿي ??ين??ي ۽ پنجاب جي نمائندگي وڌي ??ين??ي.