ڪراچي – 24 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ گورنر هائوس ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر ۽ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. گورنر هائوس پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر عمران اساماعيل، وفاقي وزير ??سد عمر، علي حيدي زيدي، س??ني??ر سيف الله ابڙو ۽ قومي اسيمبلي ميمبر جئه پرڪاش، صوبائي اسيمبلي ميمبرن فردوس شميم نقوي، خرم شير زمان، حليم عادل ش??خ ۽ بلال غفار سميت ٻيا پڻ م??جو?? هئا. اجلاس ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير ??سد عمر صدر کي ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر جي ڦهلاءُ، احتياطي تدبيرن جي لاءِ حڪومت جي کنيل قدمن ۽ ويڪسين درآمد بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.