اسلام آباد – 11 جون (اي پ?? پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير شوڪ?? ترين چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جو مجموعي ڪاٿو 8487 ارب رپيا آهي جيڪو گذريل سال جي 7136 ا??ب رپين جي بجيٽ کان 19 سيڪڙو وڌيڪ آهي، نئين مالي سال ۾ زراعت جي ل??ءِ واڌاري جي شرح 3.5 سيڪڙو، صنعت 6.5 سيڪڙو ۽ خدمتن جي شعبي ۾ واڌاري جو هدف 4.7 سيڪڙو مقرر ڪيو پيو وڃي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري پ??غامن ۾ هن چيو ته هلندڙ سال زرعي شعبي ۾ رڪارڊ ترقي ٿي آهي ۽ آبادگارن جي آمدني ۾ 32 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، حڪومت ايندڙ مالي سال جي ل??ءِ واڌاري جو هدف 4.8 سيڪڙو رکي رهي آهي.