اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسلامي ملڪن کي دهشتگردي ۽ اسلامو فوبيا جي حوالي سان وڏا چئلينجز درپيش آهن جن تي ويجهي تعاون ذريعي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، اسلامو فوبيا بابت دنيا جا تصور تبديل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪ?? ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو عرب پ??رل??امينٽ جي صدر عادل بن عبدالرحمان العسومي سان ڳالهائي رهيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر اسلامي ملڪن تي زور ڏنو ته اسلامو فوبيا جي حوالي سان دنيا جا تصور تبديل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪ?? ڪريون. هن چيو ته گڏيل عقيدي ۽ ثقافت جي ڪري پاڪستاني عوام جو عرب ملڪن جي عوام سان قدرتي لڳاءُ آهي، پاڪستان وچ اوڀر جي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو ۽ خطي جي ملڪن سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي پاليسي جيو سياست کان جيو اقتصاديات طرف منتقل ٿي وئي آهي، اسان جي نئين پاليسي ترقي جي لاءِ حصيداري، سماجي اقتصادي ترقي ۽ خطي ۾ امن تي ق??ئم آهي. صدر چيو ته پاڪستان خطي خاص طور تي افغانستان ۾ امن جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. صدر عارف علوي ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پاران کنيل قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. صدر عرب پ??رل??امينٽ جي صدر کي ڀا??تي عيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مودي حڪومت جي جابراڻي پاليسين بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڀا??ت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي نسل ڪشيءَ ۾ ملوث آهي ۽ شهريت جي قانون ذريعي مسلمان آبادي کي گهٽ ڪري رهيو آهي. هن فلسطين مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي ورجائيندي چيو ته پاڪستان عالمي قانونن موجب فلسطين جي هڪ آزاد رياست ق??ئم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ان موقعي تي عرب پ??رل??امينٽ جي صدر چيو ته پاڪستان عر?? دنيا جي لاءِ اهم ملڪ، مسلمان امت جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو، اسلامي ملڪن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسلامي دنيا کي گڏجي ڪ?? ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن پاڪستان ۽ عر?? دنيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪ?? ڪرڻ جي لاءِ وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته عرب پ??رل??امينٽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي. عرب پ??رل??امينٽ جي صدر پاڪستان جي حڪومت پاران شاندار استقبال ۽ ميزباني تي ٿورا مڃيا.