اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي) 22 آگسٽ (اڄ) آچر ڏينهن سعودي عرب جي شهر جده ۾ او آءِ سي جو غيرمعمولي ايگزيڪيوٽو اجلاس طلب ڪيو آهي. اجلاس ۾ افغانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل يوسف بن احمد ??لعثيمين پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي ٻڌايو ته افغانستان ۾ تيزي سان تبديل ٿيندڙ صورتحال تي غور ڪرڻ جي لاءِ سفيرن ۽ مستقل نمائندن جو اجلاس ٿيندو. پرڏيهي آفيس هڪ بيان ۾ چيو ته پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته افغان پارٽيون هڪ ٺوس سياسي حل جي لاءِ ڪم ڪنديون. ??ن وڌيڪ چيو ته ڪابل ۾ ڳالهين جي ڪاميابي سان نه رڳو افغانستان پر خطي کي به فائدو ٿيندو. پرڏيهي وزير افغان عوام جي حقن ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري جي لاءِ ضروري آهي ته اها افغانستان سان مصروف رهي جنهن ۾ ملڪي معيشت، نئين سر تعمير، بحالي ۽ انساني ضرورتن کي سپورٽ ڪرڻ شامل آهي. ??ن وڌيڪ چيو ته مسلمان امت جي لاءِ پرامن، متحد، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جي ڳولا ?? افغان عوام سان پنهنجي روايتي يڪجهتي ظاهر ڪرڻ به ضروري آهي. هڪ ٺوس حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوششن جي اهميت تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير افغانستان جي اندر ۽ ٻاهر حالتون خراب ڪندڙن بابت خبردار ڪيو جيڪي ملڪ جي صورتحال جو فائدو کڻڻ چاهين ٿا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افعانستان مان سفارتي مشنز، عالمي تنظيمن، ميڊيا ۽ ٻ??ن ماڻهن جي نڪرڻ ۽ چرپر ۾ پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪابل ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿينديون جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٺوس ۽ حصيدار حڪومت ٺهندي جيڪا افغانستان ۾ پائيدار امن، ترقي ۽ خوشحالي آڻيندي.