اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جهاز حادثي جي شفاف ۽ غير جانبدار انڪوائري ۽ واقعي سان جڙيل حقيقتن کي منظر عام تي آڻڻ لاءِ ڪا به ??سر نه ڇڏي وڃ??، عيد ج?? موقعي تي جهاز حادثي قوم لاءِ هڪ تمام وڏو سانحو آهي، آئون انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي گهر?? ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪريان ٿو ۽ ڏک جي ان گهڙي ۾ ڏکويل خاندانن ج?? ڏک ۾ شريڪ آهيان، ان افسوسناڪ واقعي جي تحقيقات ۾ انصاف جون سموريون گهرجون پوريون ڪيون وينديون، حقيقتن ۽ تفصيلن کان عوام کي مڪمل طور تي آگاهه ڪيو ويندو، سول ايوي ايشن، پي آءِ اي، لاڳاپيل ادارن ۽ هوائي سفر سان جڙيل عمل ۽ سڌارن جي عمل کي تيز ڪيو وڃ??. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ پي آءِ اي جي مسافر جهاز حادثي جي حوالي سان اعليٰ سطح جي بريفنگ جي موقعي تي ڪيو.