اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عظيم باڪسر محمد علي کي خراج عقيد?? پيش ڪندي چيو آهي ته ان جو عقيدو مادي نظرين کان مٿانهون ٿي ان پڪي يقين تي ٻڌل هو ته جانورن جي ڀيٽ ۾ انسانن جي وجود جو هڪ اعليٰ مقصد آهي، سن??س طاقت ۽ حوصلو اڄ به پوري دنيا جي ماڻهن لاءِ مشعل راهه آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آئون ان ڳالهه تي يقين رکان ٿو ته محمد علي هڪ عظيم رانديگر هو، نه رڳو ان لاءِ جو هو باصلاحيت، ذهين ۽ باهمت انسان هو، پر ان لاءِ جو سن??س عقيدو مادي نظرين کان مٿانهون ٿي ان پڪي يقين تي ٻڌل هو ته جانورن جي ڀيٽ ۾ انسانن جي وجود جو هڪ اعليٰ مقصد آهي. وزيراعظم چيو ته سمورين مشڪلاتن جو مقابلو ڪندي پنهنجي عقيدي تي پورو لهندي هن پنهنجي راند جي زندگي جي بهترين سالن ۽ منافعو ڏيندڙ آمدني جي قرباني ڏني. سن??س طاقت ۽ همت اڄ به پوري دنيا جي ماڻهن لاءِ مشعل راهه آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هڪ ريڊيو رڪارڊنگ پڻ شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ محمد علي جي پيشيواراڻي زندگي ۽ ٽي وي انٽرويوز دوران مختلف موقعن تي بيان ڪيل سن??س زندگي جي مختلف رخن کي اجاگر ڪيو ويو آهي.