اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اطلاعات ۽ نشريات واري خاص مد??گا?? ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه جي استعيفا نامنظور ڪندي کيس ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه وزيراعظم عمران خان کي پنهنجي استعيفا پي?? ڪئي جيڪا وزيراعظم قبول نه ڪئي، وزيراعظم عمران خان چيو ته ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه طرفان جيڪي ثبوت ۽ وضاحت پي?? ڪئي وئي آهي، هُو ان مان مطمئن آهي تنهن ڪري وزيراعظم کيس خاص مد??گا?? طور ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.