اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ضروري شين جي دستيابي ۽ قيمتن جو تعين صوبائي اختيار آ??ي، پر غريب عوام جي سهولت کي نظر ۾ رکندي ه?? پاڻ ان معاملي جي نگراني ڪري رهيا آهن، حڪومت جي هر ممڪن ڪوشش آهي ته عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي، اهو ضروري شين جي دستيابي ۽ قيمتن تي ڪنٽرول جي حوالي سان کنيل قدمن بابت جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، وزيراعظم ميڊيا آفي?? موجب اجلاس کي پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪڻڪ ۽ کنڊ جي صوبي ۾ دستيابي ۽ قيمتن جي باري ۾ تفص??لي بريفنگ ڏني، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اٽي جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضلعي انتظاميه جا آفيسر مسلسل مانيٽرنگ ڪري رهيا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته فلور ملز مالڪن سان تفص??لي مشاورت ڪئي وئي آهي.