فيصل آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ايڪسپورٽرز، ٽيڪسٽائيل مينوفيڪچرز ۽ بزنس ڪميونٽي جي اهم اڳواڻن مقامي هوٽل ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران صنعتي ۽ ڪاروبا??ي برداري جي نمائندن چيو ته حڪومتي قدمن جي ڪري ويليوايڊڊ ايڪسپورٽ وڌي رهي آهي، جڏهن ته توانائي پيڪيج، وقت سر ريفنڊز ۽ ٻين سهولتن جي ڪري درآمد ڪندڙن ۽ ڪاروبا??ي برادري جا گهڻا مسئلا حل ٿيا آهن، ايڪسپورٽرز وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڪورونا وائرس جي وبا دوران به حڪومتي جامع قدمن سان نه رڳو ماڻهن جي رو??گار کي تحفظ مليو پر انهن قدمن سان رو??گار جا نوان موقعا به پيدا ٿيا، هن حڪومتي قدمن کي ساراهيندي يقين ڏياريو ته هو رو??نگي واپار ک?? 13 ??رب ڊالر کان وڌائي ڪري ايندڙ سال 21 ارب ڊالر تائين وٺي ويندا، هنن رو??نگي واپار ۽ ڪاروبار ۾ بهتري لاءِ مختلف تجويزون به ڏنيون.