اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? آهي ته ڪورونا جي قومي ايشو کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي، ??خالف ڌر جلسن جي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چي?? ته مخالف ڌر وارا ته مڪمل لاڪ ڊائون جي وڪالت ڪري رهيا هئا، اڄ يوٽرن نه وٺن، ذاتي مفاد بدران عوام، سياسي ڪارڪنن ۽ پنهنجي زندگي جي حفاظت ۽ صحت کي خدارا ترجيح ڏني وڃي.