اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم اسلاموفوبي?? ۽ ??اموس رسالت ﷺ تي صاف موقف، عالمي فورمز تي ڪشمير جو ڪيس وڙهڻ، ملڪي تشخص کي اجاگر ڪرڻ سميت حڪومتي قدمن کي 22 ڪروڙ عوام تائين پهچائڻ جي لاءِ پي ٽي وي ۽ ٻين رياستي ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان ٽيلي ويزن (پي ٽي وي) قومي ادارو آهي ان جي وقار جي بحالي او??ين ترجيح آهي. هو پي ٽي وي ?? پي ٽي وي جنرل مينيجرز اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ماضي جا ناظرين واپس آڻڻ پي ٽي وي جي سمورن چئنلن جي او??ين ترجيح هجڻ گهرجي. هن چيو ته پهريون ڀيرو غريب، بي سهار?? ۽ ??وئتي پيل طبقن جي لاءِ احساس پروگرام، ڪامياب جوان پروگرام، لنگر خان?? ۽ ??ناهگاهون قائم ڪيون ويون آهن، ماضي جي حڪومتن ۾ اهڙي ڪا روايت نٿي ملي، اسان کي عوام جي ڀلائي ۽ بهتري جي منصوبن جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻي آهي.