اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? آهي ته سينيٽ جي چونڊن ۾ سدائين پئسي جي ڏيتي ليتي ۽ هارس ٽريڊنگ ٿيندي رهي آهي، ملڪ تاريخ جي ٻه ??اٽي تي بيٺل آهي، پئسي، اثررسوخ ۽ ڌوئنس جو ڪلچر تبديل ڪرڻو پوندو، مخالف ڌر وٽ موقع?? آهي، اها سينيٽ اليڪشن کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ عدالت ۾ ان جي خلاف دليل ڏيڻ بدران قانون جي حمايت ڪري، پئسي جي زور تي سينيٽ ۾ ايندڙ عوام جو نه پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪن ٿا. سينيٽ جي اجلاس ۾ صدارتي آرڊيننس جاري ڪرڻ بابت رٿ تي بحث دوران ڳالهائيندي هن چيو ته ان معاملي جو هڪ قانوني ۽ ٻيو اخلاقي رخ آهي، اه?? معاملو عدالت ۾ به ٻڌڻي هيٺ آهي، ڏک ان ڳالهه ج?? آهي ته هي ايوان جيڪو مٿيون ايوان آهي ۽ هتي ماضي ۾ سينيٽ جي اليڪشن جي حوالي سان جيڪي سوال ڪيا ويندا رهيا آهن، پئسي جي ڏيتي ليتي ۽ هارس ٽريڊنگ لازم ملزوم بڻجي وئي هئي، مخالف ڌر ميمبرن ان بابت هڪ لفظ تائين نه چيو. هن چيو ته جمهوريت ۽ جمهوريت جي طاقت پارليامينٽ هوندي آهي ۽ جيڪڏهن اهڙن ادارن ۽ خاص طور تي سينيٽ جي اليڪشن کي تڪراري بڻايو وڃي ته اسان کي اه?? سوچڻ گهرجي ته اسان اهڙو ڪهڙو قدم کڻي سگ??ون ٿا جو هن ايوان جو تقدس بحال رهي. سينيٽ جون چونڊون سدائين تڪراري رهيون آهن، پئسي جي ڏيتي ليتي جي لعنت کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت ۽ وزيراعظم عمران خان سدائين ان ڳالهه جو داعي رهي?? آهي ته هن ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن نقصان پهچاي?? آهي. عالمي دنيا ۾ جن ملڪن ۽ جمهوريتن ۾ ڪرپشن آهي اه?? سڀ کان پٺتي آهن ۽ اه?? ملڪ جتي جمهوريت مضبوط آهي ۽ اقتصادي ترقي آهي، اتي قانون جي حڪمراني اه?? بنيادي جز آهي جنهن تي اه?? عمل ڪن ٿا. بدقسمتي سان اسان جي ملڪ جو اه?? ڪلچر بڻجي وي?? آهي ته ڪرپشن کي ڪرپشن ئي نه ٿو سمجهيو وڃي ۽ اڄ ان ڳالهه جو هتي به احساس ٿي?? آهي ته ڪنهن ذڪر تائين ناهي ڪيو ته سينيٽ جي اليڪشن ۾ ڏيتي ليتي ۽ هارس ٽريڊنگ ٿئي ٿي ۽ ڪهڙي طريقي سان ختم ڪئي وڃي ۽ ان بدران قانوني بحث ۾ الجهايو وڃي ٿو ته جيئن عوام اه?? نه سمجهي سگ??ي ته هي رڳو قانوني معامل?? آهي يا اخلاقي معاملو به آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان اخلاقيات ۽ انهن قانونن تي جيڪي اسان جي زميني حقيقتن سان هڪ جهڙائي نه ٿا رکن، ان تي قانونسازي نه ٿي ڪري سگ??جي، اسان ڪهڙي اهڙي ڳالهه ڪري رهيا آهيون جنهن تي مخالف ڌر کي اعتراض ٿي سگ??ي ٿو. مخالف ڌر پارٽين جن معاملن تي ميثاق جمهوريت تي اتفاق ڪيو ۽ ان جي شق 23 بلڪل واضح آهي ان تي انهن صحيحون ڪيون آهن. ڪهڙو سبب آهي جو 10 سال انهن ٻنهي پارٽين جون حڪومتون رهيون آهن پر انهن ان تي عملدرآمد نه ڪيو. ڇا اه?? واجبي دستاويز هو ۽ ان تي عملدرآمد انهن جو مقصد نه هو يا هڪ طرح جو اقتدار ورهائڻ جو معاهدو هو. جيڪڏهن اهڙي ڳالهه آهي ته پوءِ مخالف ڌر کي انصاف ملي?? آهي، هاڻي انهن کي عدالت ۾ ان جي خلاف دليل ڏيڻ بدران ان قانون جي حمايت ڪرڻ گهرجي. شبلي فراز چيو ته انهن کي ان ڳالهه تي غور ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جيڪو ڪجهه چئي رهي آهي ته ڇا اه?? اخلاقي طور تي صحيح آهي يا نه، ڇا اها حقيقت نه آهي ته ملڪ ۾ سينيٽ جي اليڪشن ۾ خريد ۽ وڪرو ٿيند?? آهي، جيڪڏهن اهڙي ڳالهه نه آهي ته بيشڪ ان جي مخالفت ڪريو، قانون جي حڪمراني تمام اه?? آهي پر ان سان گڏ اخلاقي رخ کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي، قانون ۾ اخلاقيات، عالمي اصول ۽ زميني حقيقتون سڀ شامل هوندا آهن.