ڪراچي – 29 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪراچي جي عوام پي ٽي آءِ کي مثالي مينڊيٽ ڏنو آهي، وزيراعظم عمران خان ڪراچي بابت تمام گهڻي دلچسپي رکي ٿو، ڀنڊار ٻيٽ سنڌ ۽ ڪراچي جي عوام لاءِ آهن، ان سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ايندي، روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ معيشت ترقي ڪندي، چاهيون ٿا ته سينيٽ اليڪشن شفاف ٿين ۽ ماضي وانگر ان ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪرو نه ٿئي. صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پي ڊي ايم سان ڪجهه اچي نه وڃي، اهي رڳو ذاتي مفاد جي لاءِ ڊرامو ڪري رهيا آهن، انهن جو رخ مخ??لف آهي ان لاءِ انهن جي منزل هڪ نه ٿي ٿي سگهي، پي ڊي ايم کي عوام جي پذيرائي نه ملي ??هي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي نه ته ڪا انڊسٽري آهي نه ئي ڪاروبار، ڪراچي جي عوام ماضي جي پارٽين کان تنگ ??چي پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنو. هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي لاءِ ترقياتي پئڪيج جو اعلان ڪيو جڏهن ته صوبائي حڪومت ان ۾ رنڊڪون وجهي ??هي آهي.