اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيشن حڪومت جو وڏو پاليسي فيصلو آهي، ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيشن کانپوءِ چئنل جي ريٽنگ ۾ شفافيت ٿيندي، ڪيب?? آپريٽرز کي ڪامياب جوان پروگرام تحت ق??ض فراهم ڪيا ويندا جنهن سان ڪيب?? آپريٽيرز کي ڊجيٽل باڪس خريد ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ اها رقم اهي پنهنجي صارفين کان وصول ڪري واپس ڪري سگهندا. اها ڳالهه هن هتي ڪيب?? آپريٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي چيئرمين خالد آرائين سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته ملڪ ۾ 4026 ڪيب?? آپريٽرز موجود آهن، اسان جو مقصد ڪيب?? آپريٽرز کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪن??ي عوام کي ڊجيٽل ڪيبل جي فراهمي ممڪن بڻائڻ آهي، هن چي?? ته حڪومت ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قيام لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ڪيب?? آپريٽر?? اسٽيڪ هولڊرز طور تي اٿارٽي جي قيام جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ڏين، اطلاعات واري وفاقي وزير پيمرا چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هو ڪيب?? آپريٽرز سان ملاقات ڪري ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي سان معاملن کي حتمي شڪل ڏي.