اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سعو??ي عرب جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل فياض بن حميد الرويلي ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان وفد ??ي آجيان ڪئي ۽ شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني عوام س??ائ??ن سعودي قيادت جو خاص احترام ڪيو آهي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجه?? ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي سعو??ي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي عزم ۽ حمايت جو هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم عمران خان ۽ سعو??ي عرب جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جي وچ ۾ ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ سعو??ي عرب ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته تازو ئي قائم ٿيندڙ سعودي پاڪستان سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط دفاعي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ايندڙ سالن ۾ ٻطرفو دفاعي تعاون وڌيڪ وڌندو. سعو??ي عرب جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف پاڪستان ۽ سعو??ي عرب جي وچ ۾ بهترين تعاون جو ذڪر ڪندي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو. ملاقات ۾ يمن جي تازي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. وزيراعظم يمن جي تڪرار کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ سعو??ي عرب پاران ڪيل ڪوششن کي ساراهيو. پاڪستان ۽ سعو??ي عرب جا پراڻا ۽ تاريخ?? ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جن جون پاڙون گڏيل عقيدي، گڏيل تاريخ ۽ گڏيل تعاون ۾ ڳنڍيل آهن جڏهن ته دورن جي باقاعده ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين لاڳاپن جي عڪاس آهي.