اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان آسٽريليا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ آسٽريليا سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهي ٿو، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت جي شعبن ۾ آسٽريليا سان تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي جيڪو پاڪستان جي سماجي ۽ ا??تصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي وزارت جي عهدو ڇڏيندڙ ترجمان ۽ آسٽريليا ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر زاهد حفيظ چوڌري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي صدر ??ور ڏنو ته پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ واپاري ۽ ا??تصادي تعاون وڌائڻ جا وسيع امڪان آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان آسٽريليا سان مختلف شعبن ۾ خاص طور تي تعليم، زراعت، واپار، پاڻي جي انتظام، کاڻين ۽ ا??فارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ چاهي ٿو. هن آسٽريليا کان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي ضرورت تي به ??ور ڏنو، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ڪاروباري دوست پاليسيون اختيار ڪيون ۽ پنهنجو ڌيان جيوسياست کان جيو اڪنامڪس ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو. حڪومت پاران ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي مثبت ڪردار جي حوصلا افزائي جو حوالو ڏيندي صدر نامزد هاءِ ڪمشنر کي چيو ته هو آسٽريليا ۾ پاڪستاني شهرين جي سهولت ۽ ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪري ۽ کين هر ممڪن تعاون ۽ خدمتون فراهم ڪري. آسٽريليا ۾ پاڪستاني شاگردن جي قابل ذڪر تعداد کي نظر ۾ رکندي هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليمي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. صدر زاهد حفيظ چوڌري کي آسٽريليا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر جي طور تي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ا?? کي چيو ته هو پاڪستان آسٽريليا تعاون کي وڌيڪ مضبوط ۽ متنوع بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، هن پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي طور تي پنهنجي فرضن کي بهترين طريقي سان انجام ڏيڻ تي زاهد حفيظ چوڌري جي واکاڻ ڪئي ۽ ا?? اميد جو اظهار ڪيو ته هو انهي جذبي سان آسٽريليا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر جا فرض سرانجام ڏيندو.