اسلام آباد -11 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ٻن ??فغ??ن شهري عورتن جي ميتن کي ڀارت مان واگهه بارڊر ذريعي پاڪستان آڻڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ميتن سميت 5 وارث واگها بارڊر ذريعي پاڪستان پهچندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ شيخ رشيد احمد چيو ته ميتن کي واگها کان طورخم بارڊر ذريعي ??فغ??نستان موڪليو ويندو. ??فغ??ن شهرين جي ميتن کي ??فغ??نستان تدفين لاءِ انساني همدردي جي بنيادن تي اجازت ڏني وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان انساني همدردي جي بنياد تي ??فغ??ن شهرين ۽ ٻين پرڏيهين جي امداد جاري رکندو.