اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان چيو آهي ته افغانستان ۾ عام ماڻهو جي مشڪلاتن جو خاتمو ۽ معاشي ٻاڙائي جي روڪٿام ل??ءِ معاشي قدمن جي ضرورت آهي، افغان عوام جي انساني ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي. وزيراعظم عمر??ن خان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم عمر??ن خان تاجڪستان جي صدر جا سندس ۽ سندس وفد جي 16 ۽ 17 سيپٽمبر 2021ع جي تازي دوشنبي جي دوري دوران شاندار استقبال تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن دوشنبي ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي ويجهي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ل??ءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي عزم کي ورجاي??. و??يراعظم عمر??ن خان تاجڪستان جي صدر کي افغانستان جي پائيدار امن ۽ استحڪام جي ل??ءِ پاڪستان جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن ان ڏس ۾ قومي مفاهمت جي اهميت تي زور ڏن??. و??يراعظم عمر??ن خان چيو ته افغان عوام جي انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ل??ءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. عالمي برادري کي ضروري انساني معاونت جي ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن افغانستان ۾ اقتصادي ٻاڙائي ۽ عام ماڻهو کي درپيش مشڪلاتن جي خاتمي ل??ءِ فوري اهميت جي معاشي قدمن تي پڻ روشني وڌي. ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۾ معاونت جي ڪوششن کي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ ۽ ان ڏس ۾ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.