اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت بلوچ نوجوانن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪ??ي. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي بلوچستان پيڪيج تحت ج??ري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان چيو ته بلوچستان جي ترقي، حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. حڪومت بلوچستان لاءِ تاريخي پيڪيج جو اعلان ڪيو. هن چيو ته بلوچستان جي افرادي قوت ملڪ جو اصل ثا??و آهي، حڪومت بلوچ نوجوانن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي.