اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سيالڪوٽ جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، جنهن جو ڪو به اخلاقي، انساني جواز نه آهي، اسان جي آئين ۽ قانون موجب اقليتن کي تحفظ حاصل آهي، دين به اقيلتن جي تحفظ جو درس ڏي ٿو. افغان??تا?? ۾ حالتون خراب ٿيون ته ان ج?? اثر پري تائين ويندا. اوورسيز پاڪ??تا??ي اسان جو اثاثو آهن. برسلز ۾ بيلجيم جي دور?? جي حوالي سان ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته بيلجيم جي ??نه?? پرڏيهي وزير سان گڏ 10 سالن جي وقفي کانپوءِ ٻطرفي ملاقات ٿي. اسان ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري، سائنسي، تعليمي ۽ زريعي شعبي ۾ تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپ?? جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، نيٽو هيڊڪوارٽرز ۾ جنرل سيڪريٽر?? جينز اسٽولٽن برگ سان ملاقات ٿي، اسان دهشتگرد?? جي خلاف جنگ ۾ هڪٻئي سان تعاون ڪيو آهي ۽ اسان جي خواهش آهي ته اهو تعاون آئنده به جاري رهي، مون ڏکڻ ايشيا ۾ امن کي درپيش خطرن کان ان کي آگاهه ڪيو. مون کيس ٻڌايو ته افغان??تا?? جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ سڀن?? جي مفاد ۾ آهي، هن چيو ته ايندڙ سال پاڪ??تا?? ۽ يورپي يونين جا 60 سال مڪمل ٿيڻ تي اسان اسلام آباد ۾ ڪانفرنس جو انعقاد ڪنداسين، پرڏيهي وزير چيو ته آئون انهن جي سامهون اهي ٺوس قدم رکندس جيڪي پاڪ??تا?? دهشتگردي، مني لانڊرنگ جي خلاف کنيا، هن چيو ته سيالڪوٽ جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي جنهن جو ڪو به اخلاقي، انساني جواز نه آهي، ان واقعي تي پاڪ??تا?? کي شرمندگي کڻڻي پئي. هن وقت تائين 132 گرفتاريون ٿي چڪيون آهن، 26 جوابدار جن تي شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي انهن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. اسان جي آئين ۽ قانون موجب اقليتن کي تحفظ حاصل آهي. دين به اقليتن جي تحفظ جو درس ڏئي ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته جتي هند??تا?? ۾ اقليتن جو رهڻ مشڪل ٿي ويو آهي اتي پاڪ??تا?? هند??تا?? سميت سڄي دنيا ۾ سکن جي لاءِ ڪرتار پور لنگهه کي کوليو، پاڪ??تا?? ۾ ديوالي ۽ ڪرسمس جي تهوارن کي پوري مذهبي آزادي سان ملهايو ويندو آهي، جتي اقليتن جو تحفظ حڪومت جي ذميداري بڻجندي آهي ته اتي ميڊيا جي به تمام اهم ذميداري آهي، هن چيو ته ملڪ عدنان به ان هجوم ۾ موجود هو جنهن جي ڪردار کي وزيراعظم عمران خان ساراهيو ۽ ان جي لاءِ تمغا شجاعت جو اعلان ڪيو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته هن وقت اسان جو مقصد افغان??تا?? جي اڀرندڙ اقتصادي ۽ انساني بحران کان بچڻ آهي. اهو ئي پيغام مون اڄ ڏنو آهي ته جيڪڏهن افغان??تا?? ۾ حالتون خراب ٿيون ته ان ج?? اثر پري تائين ويندا، هن چيو ته اوورسيز پاڪ??تا??ي اسان جو اثاثو آهن، هنن ٻاهر رهي ڪري محنت سان پنهنجي عزت ٺاهي آهي ۽ انهن 30 ارب ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو پاڪ??تا?? موڪليو، هڪ سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته اشرف غني کانپوءِ جڏهن افغان??تا?? ۾ طالبانن جي عبوري حڪومت قائم ٿي ته هند??تا?? اسان کي ذميوار بڻائڻ لاءِ ”سينڪشن پاڪ??تا??“ مهم هلائي پر انهن کي ناڪامي ٿي، مون کي يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه جوزف بوريل ٻڌايو ته يورپي يونين امدادي سامان تي ٻڌل 7 جهاز افغان??تا?? موڪليا، 38 ملين افغانين جي معاشي مدد ڪرڻي پوندي ۽ اڄ دنيا مصروف ٿي چڪي آهي ۽ افغان??تا?? جي 6 ويجهي پاڙيسري ملڪن جو پليٽ فارم قائم ٿي چڪو آهي، اسان کي باور ڪرائي رهيا آهيون ته پاڪ??تا?? اڪيلو اهو بار نٿو کڻي سگهي، ??نه?? ڪري اسان گڏجي ان چئلينج کي منهن ڏئي سگهون ٿا، پاڪ??تا?? پهريون ئي تقريبن 40 لک افغان پناهگيرن جو بار کڻي رهيو آهي.