پشاور – 02 جنوري (اي پي پي) ضلعي ڪرڪ جي علائقي ٽيري ۾ هندوئن جي مقدس جڳهه شري پرم هنس مهاراج جي سماڌي تي پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي جي لاءِ سوين هندو يا??رين جي آمد ٿي. مذهبي رسمن جي ادائيگي جي لاءِ ايندڙ 215 يا??رين مان 173 غيرملڪي ماڻهو جن ۾ پاڙيسري ملڪ ڀارت جا 159 شهري، باقي غيرملڪي ۽ پاڪستان جي ٻين علائقن سان تعلق رکندڙ هندو شامل هئا. هندو برادري جو قافلو پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي لاءِ واهگه بارڊر تان پاڪستان ۽ اتان هوائي سفر ذريعي پشاور پ??تو هو. جيڪو بعد ۾ اتان روانو ٿي سخت سيڪيورٽي ۾ ضلعي ڪرڪ جي ٽيري سماڌي پ??تو جتي هندو برادري جي مذهبي رسمن جي موقعي تي ڪرڪ پوليس پار??ن سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا. ڊي پي او ڪرڪ شفيع الله خان گنڊاپور سيڪيورٽي صورتحال جو پاڻ جائزو وٺي رهيو هو جڏهن ته ٽيري سماڌي تي ايس پي انويسٽيگيشن ظاهر شاهه خ??ن سموري صورتحال جي نگراني ڪري رهيو هو. ڀارت مان آيل هندوئن سميت غيرملڪي يا??رين سيڪيورٽي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيندي سيڪيورٽي انتظامن کي خوش آئنده قرار ڏنو. ان موقعي تي هندو يا??رين پوليس جي سيڪيورٽي انتظامن کي ڏسندي انتهائي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي ايترو پروٽوڪول ڏنو ويو آهي جنهن تي پاڪستان حڪومت ۽ ڪرڪ پوليس جا سچي دل سان ٿورائتا آهيو?? جڏهن ته ان موقعي تي هندو ڪائونسل پاڪستان جي ايم اين اي رميش ڪمار پوليس جي سيڪيورٽي انتظامن کي ساراهيندي چيو ته ڪرڪ پوليس پنهنجي پوري ذميواري ۽ ايمانداري سان ڊيوٽي ادا ڪئي آهي. جنهن سان اس??ن سڀني کي انتهائي خوشي محسوس ٿي آهي، جن اسان جي مذهبي رسمن جي ادائيگي دوران پرامن ماحول فراهم ڪيو. هن چيو ته ٽيري سماڌي تي يا??رين جي اچڻ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۽ اعتماد جو هڪ نئون باب کلڻ وارو آهي. جيڪو ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي لاءِ خوش آئنده آهي.