اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد جي ??هانگي سيڪٽرن ۾ سرڪاري رهائش?? تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي بنياد تي ڪمرشل عمارتون تعمير ڪرڻ ۽ بي پناهه پکيڙ کي روڪڻ لاءِ شهرن جون حدون مقرر ڪرڻ جي ??دايت ڪندي چيو آهي ته غريب ۽ وچولي طبقي جي ??اءِ گهٽ قيمت گهرن جي تعمير جو واعدو پورو ڪري رهيا آهيون، گهرن جي تعمير لاءِ هن وقت تائين 38 ارب روپين جا قرض فراهم ڪيا ويا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم سردار عبدالقيوم خان نيازي، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ??زيرن سردار تنوير الياس، خواجه فاروق، نئون پاڪس??ان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين ۽ سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت غريب ۽ وچولي طبقي لاءِ گهٽ قيمت جي گهرن جو واعدو ڪيو هو، ان کي پورو ڪري رهيا آهيون، ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسلام آباد جي ڪچي آبادين جي رهواسين لاءِ 12400 گهٽ قيمت ۽ معياري فليٽ مهيا ڪيا پيا وڃن، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته سي ڊي اي ۽ نئون پاڪس??ان هائوسنگ اٿارٽي انهن فليٽس لاءِ سبسڊي مهيا ڪندي جنهن سان ماهوار قسطون گهٽ کان گهٽ رکيون وينديون، انهن فليٽس ۾ سموريون شهري سهولتون فراهم ڪيون وينديون. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد م عالمي معيار جو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم تعمير ڪيو ويندو. اسلام آباد جي ??هانگي سيڪٽرن ۾ سرڪاري رهائش?? تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي بنياد تي ڪمرشل عمارتُون ٺاهيون وڃن. پنهنجو گهر ٺاهڻ لاءِ 38 ارب روپين جا قرض فراهم ڪيا ويا آهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سراسري بئنڪن کان قرض حاصل ڪرڻ جي شرح ۾ قابل ذڪر اضافو ڏٺو پيو وڃي. صرف گ??ريل ٻن هفتن ۾ 6 ارب روپين جي اضافي قرضن جون درخواستون مليون آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ملڪ جي سمورن شهرن جون حدون مقرر ٿيڻ گهرجن ته جيئن بي پناهه پکيڙ کي روڪي سگهجي ۽ ساوڪ کي بچائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سياحت جي ??روغ لاءِ بي پناهه موقعا موجود آهن جنهن مان فائدو حاصل ڪيو وڃي، آزاد ڪشمير ۾ غير قانوني تعميرات کي روڪڻ لاءِ سخت قانون ٺاهيا وڃن. هن والاريل ڪشمير کان آيل پناهگيرن لاءِ معياري ۽ گهٽ قيمت رهائشون جلد تعمير ڪرڻ جي ??دايت به ڪئي، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته پناهگيرن جي رهائشن لاءِ 5.6 ارب روپين جي زمين آزاد ڪشمير جي حڪومت مهيا ڪندي، پهرين مرحلي ۾ 1300 گهراڻن کي گهر مهيا ڪيا ويندا. وزيراعظم چيو ته ٻيلن ۽ قدرتي حسن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آزاد ڪشمير جو 63 سيڪڙو حصو ٻيل?? تي مشتمل آهي، جڏهن ته ڪشمير جي ڪل ايراضي جو 56.5 سيڪڙو حصو سرڪاري زمين آهي، 10 ضلعن جي ??ينڊ يوز ميپنگ مڪمل ڪئي وئي آهي.