بيجنگ – 06 فيبروري (ا?? پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي بيجنگ ۾ پاڪستاني شاگردن ۽ پروفيشنلز جي سهولت لاءِ ٺاهيل پورٽل ??و افتتاح ڪيو، چين ۾ پاڪستان جو سفير معين الحق پڻ پرڏيهي وزير سان گڏ هو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته هن پورٽل ??و مقصد پاڪستاني شاگردن ۽ چيني ماهرن جي وچ ۾ فني رابطي جو فروغ آهي، هي پاڪستاني شاگردن ۽ چين ۾ پيشيواراڻي ڪميونٽي جي وچ ۾ راب??و وڌائڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم طور ڪم ڪندو. شاهه محمود قريشي چيو ته هي پ??رٽل ??ديد دريافتن جي ڏس ۾ معاونت فراهم ڪندو ۽ پاڪستاني شاگردن ۽ پروفيشنلز جي ڪاميابين کي اجاگر ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندو.