اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آبادي ۾ تيزي سان اضافي سان ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي اثر پئجي رهيا آهن، ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ قومي سطح تي هڪ وسيع البنياد مهم هلائڻ جي ضرورت آهي، ميڊيا خانداني م??صوبابندي تي عوامي راءِ هموار ڪرڻ، روين ۾ تبديلي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبادي ۾ تيزي سان اضافي تي م??ڊيا نمائندن سان فڪري ويهڪ دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن چ??و ته ٽيليويزن ٽاڪ شوز، ڊراما سيريلز ۾ آبادي جي مسئلي تي ڌيان ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو، آبادي جي م??اسب انتظام جي لاءِ پارلياماني م??مبرن جي فعال ڪردار، پختي سياسي عزم جي ضرورت آهي. هن چ??و ته عوامي آگاهي جي لاءِ آبادي ۾ اضافي تي پارلياماني ڪاڪس جي ڪارروائي کي م??اسب طريقي سان اجاگر ڪيو وڃي، ميڊيا پبلڪ سروس پيغامن ذريعي م??ڪ ۾ آبادي جي ڳڻتي جوڳي شرح بابت بيداري پيدا ڪري. هن چ??و ته خانداني م??صوبابندي ۽ ٻارن جي پيدائش ۾ مناسب وقفو رکڻ جي ضرورت آهي، اسلام زور ڏي ٿو ته مائرون پنهنجي ٻارن کي ٻن سالن تا??ين پنهنجو کير پيارين، ٻارن کي ٻن سالن تا??ين ماءُ جو کير پيارڻ سان ٻارن ۾ ذهني ۽ جسماني ڪمزوري، غذائيت جي کوٽ تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان چ??و ته آبادي ۾ تمام گهڻو اضافو قومي سلامتي جو مسئلو بڻجي سگهي ٿو، آبادي ۾ اضافي سان ن??ين نسل کي تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي کوٽ کي م??هن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.