لاهور – 05 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته مخالف ڌر کي پاڻ هڪ ٻئي تي اعتماد ناهي رهيو، 48 ڪلاڪ گذرڻ کانپوءِ هاڻي 72 هون ڪلاڪ شروع ٿيڻ وارو آهي پر مخالف ڌر جي ع??م اعتماد جي رٿ جي ڪا خبر نه آهي، فضل الرحمان ۽ شهباز شريف کي منهن لڪائڻ جي جڳهه نه ملندي، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي چار ڊويزنن جون پارٽيون بڻجي چڪيون آهن، پيپلزپارٽي حڪومت تبديلي بدران زرداري فيملي کان پارٽي واپس وٺي، بلاول کان پڇڻ چاهيان ٿو ته انهن جو وزيراعظم ڪير هوندو؟ اڃا ته ائين لڳي رهيو آهي ته 8 ڪلاڪ شهباز شريف، 8 ڪلاڪ فضل الرحمان ۽ 8 ڪلاڪ آصف علي زرداري وزيراعظم هوندا، سمورا اتحادي اسان سان گڏ آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود پڻ موجود هو. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت مستحڪم آهي، بلاول ڀٽو جي لانگ مارچ کي راولپنڊي ۾ ڀليڪار چونداسين، انهن جو 60، 70 ماڻهن جو مارچ مئچ دوران به اچي ويو ته ڪو مسئلو نه آهي، انهن کي ڪيبن به ڏينداسين ۽ پي ٽي آءِ جي فنڊ مان چانهه به پيارينداسين. هن چي?? ته 22 مارچ تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس ٿيڻ وڃي رهي آهي، پهريون ڀيرون پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي سئو سيڪڙو پاڪستان جي اندر ٺهي رهي آهي، يورپ ۽ آمريڪا سان اسان جا لاڳاپا بهتري طرف گامزن آهن، پشاور سانحي تي تمام گهڻو ڏک آهي، اسان جي دلين تي قيامت گذري آهي، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته پاڪستان ۾ 24 سالن کانپوءِ ڪرڪيٽ بحال ٿي آهي، اسان چاهيون ٿا ته مخالف ڌر عالمي سطح تي اهڙي قسم جا سگنل نه ڏي جنهن سان ڪرڪيٽ متاثر ٿئي. هن چي?? ته بلاول ڀٽو زرداري جي لانگ مارچ کي راولپنڊي ۾ ويلڪم ڪريون ٿا پر اهي مئچ کانپوءِ راولپنڊي پهچن ڇو ??ه 24 سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ بحال ٿي آهي، هونئن جيڪڏهن اهي پنهنجي 60، 70 ماڻهن جو مارچ مئچ دوران به کڻي آيا ته ڪو مسئلو نه آهي، اسانهن کي ڪيبن به ڏينداسين ۽ پي ٽي آءِ جي فنڊ مان چانهه به پيارينداسين. 48 ڪلاڪن کانپوءِ هاڻي 72 هون ڪلاڪ شروع ٿيڻ وارو آهي پر مخالف ڌر جي ع??م اعتماد جي رٿ جي ڪا خبر نه آهي، منهنجو خيال آهي ته ع??م اعتماد جي رٿ انهن جو اهو ٻار هو جيڪو گهٽيءَ ۾ ڪٿي گم ٿي ويو آهي، هاڻي ڏسون ته اهي پنهنجي ان گم ٿيل ٻار کي ڳولڻ ۾ ڪيترو وقت لڳائين ٿا. هن چي?? ته مولانا فضل الرحمان جو لٿل چهرو ڏسي شاڪر شجاع آبادي جو اهو شعر ان تي فٽ اچي ٿو ته ”تو شاڪر آپ سياڻان اين ساڊا چهره ويک حالات نه پڇ“. هن چي?? ته حڪومت وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ مستحڪم آهي، سمورا اتحادي اسان سان گڏ آهن، حڪومت کي انهن چورن، ڦورن ۽ ع??م اعتماد جي ڊرامي کان ڪو خطرو نه آهي. هن چي?? ته عمران خان مسلمان امت ۽ پاڪستان جو ليڊر آهي، هلندڙ سال 22 مارچ تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس جو اجلاس ٿيڻ وڃي رهيو آهي، هيستائين 29 پرڏيهي وزيرن اچڻ جي تصديق به ڪري ڇڏي آهي، هن ڀيري 23 مارچ جي ڏينهن پوري مسلمان امت، يورپي ملڪن سميت اهم ملڪن جا پرڏيهي وزير پاڪستان سان گڏ بيٺل هوندا. چوڌري فواد حسين چي?? ته اسان متوازن پاليسي تي يقين رکون ٿا، روس يوڪرين تڪرار تي اسان جو موقف واضح آهي، ان تاثر کي رد ڪريون ٿا ته اسان جا ويسٽرن بلاڪ سان لاڳاپا خراب ٿي ويا آهن، وزيراعظم عمران خان روسي ٽي وي چي??ل کي انٽرويو ۾ پنهنجي پاليسي واضح ڪري ڇڏي هئي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائندي منير اڪرم پڻ پنهنجي تقرير ۾ چي?? ته جنگ ختم ٿيڻ گهرجي ۽ ڳالهين سان مسئلن جو حل ڪڍڻ گهرجي. هن چي?? ته پاڪستان جنگ جو حامي نه آهي، ڳالهين سان مسئلن جو حل چاهيون ٿا. وفاقي وزير چي?? ته پهريون ڀيرو پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي سئو سيڪڙو پاڪستان جي اندر ٺهي رهي آهي، ڊگهي عرصي کانپوءِ اهڙي حڪومت اقتدار ۾ آهي جنهن جي پٺيان فوج، پورو ملڪ ۽ عام ماڻهو بيٺل آهي، اسان جي پاليسين ۾ وزيراعظم جو ملڪ لاءِ احساس نظر اچي ٿو، مخالف ڌر خاص طور تي جن جو مي فيئر ۾ گهر آهي اهي بيهوش ٿي ويا آهن ته وزيراعظم روس ڇو هليو ويو، يورپ ۽ آمريڪا سان اسان جا لاڳاپا بهتري طرف گامزن آهن، اسان چاهيون ٿا غريب ملڪن جو جيڪو پئسو ٻاهرئين ملڪن منتقل ٿيو آهي اهو واپس اچي، ان حوالي سان اسان تيزي سان ڪم ڪري رهيا آهيون. چوڌري فواد حسين چي?? ته پشاور سانحي تي تمام گهڻو ڏک آهي، اسان جي دلين تي قيامت گذري آهي، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي. هن چي?? ته جڏهن به پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ شروع ٿي اهڙي طرح جا سانحا ٿيا، پشاور سانحي تي هر ٽوئيٽ ڀارت مان جنريٽ ٿي رهي هئي جنهن ۾ آسٽريلين ڪرڪيٽ بورڊ کي ٽيگ ڪيو پيو وڃي. هن چي?? ته اسان ڪنهن تي الزام نه هڻي رهيا آهيون پر ڀارتي حڪومت پنهنجي انهن 65 سيڪڙو ماڻهن کي به يرغمال بڻايو آهي جن مودي کي ووٽ نه ڏنو. هن چي?? ته پاڪستان امن جي لاءِ تيار اهي، ڪشمير مسئلي جو حل لازمي آهي. هڪ سوال تي هن چي?? ته جهانگير ترين بيمار آهي ۽ هو علاج جي لاءِ ٻاهر ويو آهي. جهانگير ترين جي طبيعت هاڻي بهتر آهي پر هو في الحال وطن واپس نه اچي رهيو آهي. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي چار ڊويزنن جون پارٽيون بڻجي رهجي ويون آهن ۽ انهن جو مقصد رڳو پنهنجي ڦريل دولت کي بچائڻ آهي. بلاول کان پڇڻ چاهيان ٿو ته انهن جي وزيراعظم جو اميدوار ڪير آهي، اڃا ته ائين لڳي رهيو آهي ته 8 ڪلاڪ شهباز شريف، 8 ڪلاڪ مولانا فضل الرحمان ۽ 8 ڪلاڪ زرداري وزيراعظم هوندا، مريم ۽ بلاول جيئن ته ننڍا آهن اهي چار چار ڪلاڪن جا وزيراعظم هوندا. هن چي?? ته پيپلزپارٽي جي حڪومت تبديلي بدران زرداري فيملي کان پارٽي واپس وٺي. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته سائبريا ۾ جڏهن تمام گهڻي برف پوي ٿي ته اتي خوراڪ ختم ٿي وڃي ٿي، اتي موجود ڀيڙيا هڪ ٻئي تي نظر رکن ٿا ته ڪير انهن تي حملو نه ڪري ڇڏي، اسان جي مخالف ڌر جو حال به سائبريا جي ڀيڙين جهڙو آهي انهن مان ڪنهن کي هڪ ٻئي تي اعتبار نه آهي.