اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ يوريا ۽ ڪڻڪ جي ذ??ير?? اندوزي ۽ اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ يوريا ۽ ڪڻڪ جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ ۽ ذ??ير?? اندوزي روڪڻ جي لاءِ مارڪيٽ ۾ طلب ۽ پهچ جو ٺوس نظام بڻائڻ سان گڏوگڏ اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ سخت بارڊر ڪنٽرول وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ يوريا جي اسمگلنگ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ اعليٰ ??طحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته مارڪيٽ ۾ يوريا ۽ ڊي اي پي جي مستحڪم ۽ گهٽ اگهن تي دستيابي يقيني بڻائي وڃي ته جيئن ملڪ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ پاڻڀرو ٿي سگهي. وزيراعظم ان سلسلي ۾ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن ملڪ ۾ يوريا ۽ ڪڻڪ جي ذ??ير?? اندوزي ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته مارڪيٽ ۾ قيمتن کي مستحڪم رکڻ جي لاءِ هر مهيني جي شروع ۾ 2 لک ٽن يوريا جي اسٽريٽجڪ اسٽاڪ ۾ دستيابي ضروري آهي. وزيراعظم سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي پاڪستان جي آبادگارن ۽ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف پهچائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻن. هن چيو ته ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. اجلاس ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير سيد مرتضيٰ محمود، خوراڪ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ لاڳاپيل اعليٰ ??ول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته صوبائي چيف سيڪريٽرين، آءِ جي پوليس، آءِ جي اي?? سي ۽ ٻين ??عليٰ ??ملدارن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.