اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان پاڻ بني گالا ۾ لڪي عوام کي روڊن تي گهرائي رهيو آهي، ??مران خان عوام کي احتجاج جي ڪال نه ڏي، پنهنجي نالائقي ۽ نااهلي جو ماتم ڪري، ??وام ڄاڻي ٿي ته مهانگائي جي تباهي عمران خان آندي، ??ءِ ايم ايف سان ڪمزور بنيادن تي معاهدو عمران خان ڪري ويو، اڄ ملڪ ۾ مهانگائي جو ذميدار به عمران خان آهي انشاءُ الله عمران خان جي مهانگائي جي لڳايل باهه وسائينداسين. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان عوام ڪجهه هيرن، سوين ڪينال زمين ۽ مالي فائدن لاءِ قومي ۽ عوامي مفاد تي سودو ڪرڻ وارن سان گڏ نه نڪرندي، ??وام ڪوڙي، منافق، نااهل، نالائق سان گڏ نه نڪرندي، نالائقن، نااهلن، ??ورن ۽ آئين ٽوڙيندڙن جي ڪال تي ڪو به نه نڪرندو. هن چيو ته عوام مهانگائي، ??يروزگاري، معاشي تباهي جي ذميدار، خوني مارچ وارن ۽ هٿياربند جٿن سان گڏ نه نڪرندي، ??وام بيگناهه پوليس وارن کي گوليون هڻي شهيد ڪندڙن سان گڏ ناهي نڪرندي، هن چيو ته عمران خان ڪال نه ڏي، پنهنجي آيل مهانگائي ۽ معاشي تباهي جي ذميداري جو اعتراف ڪندي الله تعاليٰ ۽ عوام کان معافي گهري، هن چيو ته معاشي تباهي ۽ مهانگائي جو گند عمران خان پکيڙيو، حڪومت ا?? کي صاف ڪري رهي آهي، ??طلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان سازش ڪئي ته پاڪستان ڊيفالٽ ڪري وڃي، ??ڪومت، ملڪ ۽ عوام کي بچائڻ آئي آهي، هن چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪري ان جي خلاف ورزي ڪئي ۽ پاڪستان جي ساک خطري ۾ وڌي، ??ن جو ذميدار عمران خان پاڻ آهي.