اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان پاڪس??ان کي وسيع سيڙپڪاري ??ي ذريعي ايشيا جو صنعتي مرڪز بڻائڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان رائل نووا پرائيويٽ لميٽيڊ جي باني شاهه ۽ چيئرمين جي صلاحڪار شيخ خالد محمد سلمان الخليفه بحريني ڪمپنين جي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سيڙپڪاري ??ورڊ بحريني وفد جي شرڪت ڪندڙن کي پاڪس??ان ۾ مختلف شعبن خاص طور تي صحت، سياحت، هوٽل، مهمان نوازي، هائوسنگ، زراعت، خوراڪ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ موجود سيڙپڪاري ??ي وسيع موقعن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وفد کي ٻڌايو ويو ته پاڪس??ان خطي ۾ پنهنجي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ، نوجوان آبادي، هنرمند افرادي قوت، بي شمار قدرتي وسين ۽ ڪاروبار دوست ماحول جي ڪري ??يڙپڪاري ??ي لاءِ مثالي جڳهه آهي. بحريني وفد پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري ??ي بي شما?? موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ هن ايندڙ 6 مهينن ۾ هوٽل اينڊ هاسپيٽليٽي ۽ هائوسنگ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ??ي شروعات جو اشارو ڏنو. ان کانسواءِ هن زراعت، ماهيگيري ۽ ڪنسٽرڪشن جي شعبن ۾ پڻ سيڙپڪاري ڪرن جي لاءِ خصوصي دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي بحريني سيڙپڪارن کي ترجيحي بنيادن تي هر ممڪن سهولت فراهم ڪن ۽ ان سلسلي ۾ سمورا وسيلا بهتر طريقي سان استعمال ۾ آڻين. ملاقات ۾ سيڙپڪاري ??ورڊ واري وف??قي وزير چوڌري ??الڪ حسين، واپار واري وف??قي وزير سيد نويد قمر، هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وف??قي وزير عبدالواسع، منصوبابندي واري وف??قي وزير احسن اقبال، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري ??ملدارن شرڪت ڪئي.