اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد ??ن زيد کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس پاڪس??ان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کان آگاهه ڪيو. شيخ محمد ??ن زيد هن مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان ک?? هر ممڪن امداد جي آڇ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر کي پاڪس??ان ۾ ٻوڏ جي تازي صورتحال کان آگاهه ڪيو جنهن سان اٽڪل 32 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 1162 جي لڳ ڀڳ فوت ۽ 3554 زخ??ي ٿيا آهن. وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل عرب امارات پاران فراهم ڪئي ويندڙ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وقت سر امداد ۽ تعاون تي ٿورا مڃيا ۽ امارات هلال احمر ۽ خليفه ??ن زيد فائونڊيشن پاران پاران ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين ک?? ساراهيو. شيخ محمد ??ن زيد قدرتي آفتن ک?? منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستاني عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ هن مشڪل وقت ۾ متاثرين جي هر ممڪن مدد جي آڇ ڪئي. پاڪس??ان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل، گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم ۽ ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن، اهي گڏيل لاڳاپا دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌندڙ تعاون تي ٻڌل آهن.