اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تع??ون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي ??اء?? 15 ۽ 16 سيپٽمبر تي ثمرقند، ازبڪستان جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف جي دعوت تي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. اجلاس ۾ شنگهائي تع??ون تنظيم جي ميمبر ملڪن ۽ مبصر ملڪن جي سربراهن کانسوا??ِ ايس سي او جي مختلف تنظيمن جا سربراهه ۽ ٻين خاص مهمان شرڪت ڪندا. ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ شنگهائي تع??ون تنظيم جو سڀ کان اعليٰ فورم آهي جيڪو تنظيم جي حڪمت عملي، امڪانن ۽ ترجيحن تي غور ۽ وضاحت ڪري ٿو. اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي، خوراڪ ۽ توانائي جي حفاظت ۽ پائيدار سپلائي چين سان گڏوگڏ اهم عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي غور ڪيو ويندو جڏهن ته اهڙن معاهدن ۽ دستاويزن جي پڻ منظوري ڏني ويندي جيڪي شنگهائي تع??ون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تع??ون جي مستقبل جي رخ جو تعين ڪندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف سربراهه اجلاس ۾ شرڪت کانسوا??ِ اجلاس جي موقعي تي شنگهائي تع??ون تنظيم جي ٻين شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. 2001ع ۾ قائم ٿيندڙ شنگهائي تع??ون تنظيم ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ۾ پکڙيل هڪ وڏي علائقائي تنظيم آهي. شنگهائي تع??ون تنظيم جا ميمبر ملڪ مجموعي طور تي دنيا جي اٽڪل اڌ آبادي ۽ عالمي اقتصادي پيداوار جو چوٿون حصو آهن. شنگهائي تع??ون تنظيم جو امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۽ انفراسٽرڪچر، اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي شعبن ۾ بهتر رابطن جي ڳولا جي ايجنڊا خطي ۾ اقتصادي رابطن سان گڏوگڏ امن ۽ استحڪام کي وڌائڻ جي ??اء?? پاڪستان جي پنهنجي ويزن سان هم آهنگ آهي. پاڪستان 2017ع ۾ شنگهائي تع??ون تنظيم جو مڪمل ميمبر بڻجڻ کانپوءِ کان ايس سي او جي مختلف ميڪانزم ۾ پنهنجي شرڪت ذريعي تنظيم جي بنيادي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي ??اء?? سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.