اسلام آباد – 15 ̵1; سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي اقتصادي بحران جي ڏس ۾ شنگهائ?? تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ وڌيڪ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. ازبڪستان جي شنگهائ?? تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن جي سالياني اجلاس جي لاءِ روانو ٿيڻ جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته شنگهائ?? تعاون تنظيم دنيا جي 40 سيڪڙو آبادي جي خواهشن ۽ امنگن جي ويزن جي عڪاسي ڪري ٿي. عالمي اقتصادي بحران جي گهرج آهي ته شنگهائ?? تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ وڌيڪ تعاون کي فروغ ڏنو ويندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل ”شنگهائي اسپرٽ“ جي عزم کي ورجائي ٿو. وزيراعظم چيو ته شنگهائ?? تعاون تنظيم جيو پوليٽيڪل ۽ جيو اڪنامڪ جي شعبن ۾ ٿيند?? پريشان ڪندڙ تبديلين جي دور ۾ اڳتي وڌڻ جو رستو متعين ڪري سگهي ٿي.