ڪراچي-30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??ي قائم ڪيل رليف ڪميٽيءَ جو وفاقي وزي?? سيد خورشيد احمد شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ جو چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت، مڪاني کاتي جي صوبائي وزي?? سيد ناصر حسين شاهه، اڳوڻو وڏو وزي?? سيد قائم علي شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فلاحي ادارن جي اڳواڻن ظفر عباس، صارم برني ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا. پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير خورشيد احمد شاهه هدايت ڪئي ته شهرن مان پاڻي ڪڍڻ ??اء?? وڏي ڊي واٽرنگ پمپ لڳايا وڃن ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ عوام کي گيسٽرو ۽ مليريا کان محفوظ رکڻ ??اء?? قدم کنيا وڃن. هن چيو ته فلاحي ادارن کي پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪنداسين. اجلاس ۾ مڪاني کاتي واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ٻُڌايو ته شهرن مان پاڻي ڪڍڻ ??اء?? تيزيءَ سان ڪم ڪيو پيو وڃي، اهو تاثر غلط آهي ته زمينن کي بچائڻ ??اء?? ڪٽ لڳايا ويا هئا. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جو پنهنجو ڳوٺ پڻ شديد متاثر ٿيو آهي، آبپاشي کاتي کي پاڻيءَ جي نيڪالي جي ذميداري ڏني وئي آهي، جڏهن ته شهري آبادين کان پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ مڪاني ادارن پاڻيءَ جي نيڪالي وارو ڪم ڪري رهيا آهن. صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي ملي ڪري ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪا امداد پاڪستان کي ملي رهي آهي اها اين ڊي ايم اي ۽ وفاق حوالي ڪئي وڃي ٿي، ان ۾ صوبائي نمائندگي پڻ موجود هوندي آهي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ بابت آگاهي ڏيندي چيو ته منڇر مان پاڻيءَ جو وهڪرو گهٽ ٿي 117 فوٽ رهجي ويو آهي. هن ٻُڌايو ته هاڻ تائين 210 فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن کي حڪومت طرفان اعلان ڪيل رقم ڏني وئي آهي، ٻوڏ سبب 432852 چوپايو مال مري ويو آهي.