اسلام آباد – 01 – ??سم??ر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين جي اڳوڻي صدر جيانگ زيمن جي لاڏاڻي تي عوامي جمهوريه چين جي قيادت ?? عوام سان پنهنجي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان تعزيتي بيان ۾ صدر چ??و ته چين جي اڳوڻي صدر جيانگ زيمن هڪ مشهور ڏاهو هو، جنهن مسلسل اقتصادي سڌارن جي ذريعي چين کي تيز رفتار ترقي تي گامزن ڪيو ۽ ملڪ ۾ زندگي جي معيار نمايان طور تي بلند ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اڳوڻي چين جي صدر جيانگ زيمن جي ڏاهپ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته چين جي آنجهاني اڳوڻي صدر کي ان جي ملڪ جي لاءِ ان اعليٰ خدمتن ۽ ڪوششن جي لاءِ سدائين ياد رکيو ويندو، جنهن جي ڪري چين اڄ جي دنيا ??ي هڪ عظيم معاشي قوت طور سامهون آهي. صدر چ??و ته ڏک ??ي هن گهڙيءَ ۾ اسان چين جي عوام سان گڏ آهيون.