اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وڌندڙ آبادي جي مسئلي تي ضابطو آڻڻ ج?? لاءِ صوبن ۾ جدا وزارتون قائم ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته هلندڙ سال دنيا جي آبادي 8 ارب ۽ پ??ڪس??ان جي 23 ڪروڙ ٿي وئي آهي، گذريل 75 سالن ۾ پ??ڪس??ان جي آبادي 3 ڪروڙ مان 23 ڪروڙ ٿي وئي، 2030ع ۾ پ??ڪس??ان جي آبادي 26 ڪروڙ 30 لک ۽ 2050ع ۾ 33 ڪروڙ 80 لک ٿيڻ جو امڪان آهي. آبادي جي لحاظ کان پ??ڪس??ان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ بڻجي چڪو آهي، وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻ ج?? لاءِ جلد نيشنل ايمرجنسي پلان ڏنو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف ايندڙ هفتي نيشنل ٽاسڪ فورس جو اجلاس طلب ڪيو آهي. نيشنل ٽاسڪ فورس ۾ صوبن کي نمائندگي ڏني وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاپوليشن ڪائونسل جي قيام جي 70 هين سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديلين جي تب??هي وانگر وڌندڙ آبادي به خطري جي گهنٽي آهي، آبادي وڌي ٿي ته تعليم، صحت ۽ خدمتن جهڙا مسئلا به پيدا ٿين ٿا. هن چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ تعليم، صحت ۽ خدمتن جهڙا مسئلا صوبن جي ذميواري آهي. هن چيو ته پ??ڪس??ان جي آبادي 2 سيڪڙو ساليانو جي رفتار سان وڌي رهي آهي. اهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ وڌندڙ آبادي جي مسئلي کي منهن ڏيڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير قومي اهميت جي انهن مسئلن تي قومي بيانيو جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته بيانيو جوڙڻ ۾ سمورين ڌرين کي شامل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته حڪومتي سطح تي اهڙن مسئلن تي کلي بحث ٿيڻ گهرجي، ان ج?? لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. مريم اورنگزيب چيو ته ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت جي نتيجي ۾ قوم تازو ئي وڏي تب??هي کي منهن ڏنو. تب??هي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري پ??ڪس??ان ۾ ٻار ۽ عورتون شديد متاثر ٿيون، ماضي ۾ پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ قومي ڪانفرنس جي منظور ڪيل پڌرنامي ۾ هدفن جو واضح تعين ٿيو هو. ڪانفرنس جي پڌرنامي تي صوبن جون صحيحون به آهن، انهن هدفن ۽ تجويز ڪيل قدمن جي بحالي جي ضرورت آهي. هن چيو ته اهڙي طرح پاليسي سازي، قانونسازي ۽ بيانيو جوڙن سان گڏوگڏ گهربل هدف حاصل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته ماضي ۾ منصوبابندي کاتو عوام کي انهن مسئلن کان آگاهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردا ادا ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير وڌندڙ آبادي جي حوالي سان ڊيجيٽل ميڊيا تي آگ??هي پيدا ڪرڻ ۽ بيانيو جوڙڻ ۾ پاپوليشن ڪائونسل کي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.