اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڳوڻي چيني صدر جيانگ زي من جي لاڏاڻي تي تعزيت جي اظهار لاءِ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو، هن پاڪس??ان جي حڪومت ۽ عوام پاران چيني قيادت ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر چيني سفير نونگ رونگ سان پڻ تعزيت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب چيني سفارتخاني جي دوري جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اڳوڻي چيني صدر جي لاڏاڻي تي گهرو ڏک ۽ افسوس ٿيو. منهنجا خيال ۽ مخلصاڻيون دعائون اڳوڻي صدر جي گهرڀاتين، دوستن ۽ چيني عوام سان گڏ آهن. صدر عارف علوي چيو ته جيانگ زي من هڪ بهترين سياستدان ۽ ڏاهو اڳواڻ هو، اڳوڻي صدر ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي سطحن تي عالمي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏنو، جيانگ زيمن پاڪس??ان جو هڪ عظيم ۽ بااعتماد دوست هو. هن چيو ته جيانگ زيمن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل دوستي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ انمول ڪردار ادا ڪيو، اڳوڻي صدر پاڪس??ان ۽ چين جي وچ ۾ عوامي رابطن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪس??ان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي غيرمعمولي اعتماد، افهام ۽ تفهيم، اسٽريٽجڪر ابطي ۽ وسيع تر عملي تعاون تي ٻڌل آهي. هن چيو ته پاڪس??ان سي پيڪ تحت منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، سي پيڪ منصوبا پاڪس??ان جي ڏورانهن علائقن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ حصيداري جي عڪاسي ڪن ٿا، سي پيڪ پاڪس??ان جي معاشي منظرنامي کي تبديل ڪيو آهي، خصوصي اقتصادي زونز کي جلد مڪمل ڪرڻ سيڙپڪاري کي تيز ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. صدر ڪورونا ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران چين جي فراخدلاڻي امداد تي ٿور?? مڃيا. بعد ۾ پاڪس??ان ۽ چين جي سرڪاري ميڊيا کي جاري ڪيل پريس بيان ۾ صدر چين جي اڳوڻي صدر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ پائيدار امن، عالمي ۽ علائقائي معاشي ۽ مالياتي استحڪام ۾ چين کي مرڪزي حيثيت حاصل ٿي وئي آهي.