اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو ته سرديءَ جي موسم ۾ ٻوڏ متاثر بي گهر ماڻ??ن کي ڇت فراهم ڪرڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، سرندي وارا ماڻهو وڌي چڙهي ان ڪم ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وز??راعظم چيو ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ٻوڏ متاثرين جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿ?? رهيو آهي ۽ هل??دڙ سرديءَ ۾ بي گهر ماڻ??ن کي ڇت فراهم ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج آهي. وز??راعظم مينزيز ايوي ايشن گروپ ۽ الفسپارز گروپ پاران ٽانڪ ۾ متاثرين جي لاءِ سئو گهرن جي عطيي تي انهن جا ٿورا مڃيندي چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ ان??ن کي هل??دڙ سرديءَ جي موسم ۾ ڇت جي فراهمي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻ?? رهي آهي. وز??راعظم ملڪ جي سرندي وارن ماڻ??ن کي اپيل ڪئي ته اهي ان ڪم ۾ وڌي چڙهي حڪومت جي مدد ڪن، اسان کي هن مشڪل وقت ۾ پنهنجي ڀينرن ڀائرن، ٻارن ۽ بزرگن کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي.