ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) گڏيل عرب امارا?? جي صدر شيخ محمد بن زاي?? النهيان 2 ارب ڊالر جي موجوده قرض جي ادائيگي جي مدي ۾ واڌ (رول اوور) ۽ هڪ ارب ڊالر جو اضافي قرض فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ابوظهبي جي دوري جي پهرين ڏينهن گڏيل عرب امارا?? جي صدر شيخ محمد بن زاي?? النهيان سان ملاقات ڪئي. يو اي اي جي صدر وزيراعظم جي ابوظهبي آجيان ڪندي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀائر مل?? جي دوري جي دعوت تي گڏيل عرب امارا?? جي صدر جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ٻ??هي اڳواڻن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارا?? جي وچ ۾ موجوده ڀائراڻن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻ??هي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻ??هي اڳواڻن سيڙپڪاري جي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ، حصيداري جي فروغ ۽ ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هن ٻطرفن لاڳاپن ۾ مسلسل اڳڀرائي جي رفتار تي به اطمينان جو اظهار ڪيو. جڏهن ته لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ هر سطح تي ٻطرفي مٽاسٽا ۽ باضابطا ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي گڏيل عرب امارا?? جي صدر 2 ارب ڊالر جي موجوده قرض جي ادائيگي جي مدي ۾ واڌ (رول اوور) ۽ هڪ ارب ڊالر جي اضافي قرض جي فراهمي تي به اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف يو اي اي جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني، جنهن تي هن رضامندي جو اظهار ڪيو جنهن جي لاءِ تاريخ جو تعين سفارتي ذريعن جي ذريعي ڪيو ويندو.