لاهور – 19 – جنوري (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان روس ??ي توانائي واري وزير نڪولي شولگينوف جي قيادت ۾ وفد لاهور ۾ ملاقات ڪئي، ٻنهي طرفن ٻطرفي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن ??ي ترقي جي لاءِ توانائي جي شعبي جي اهميت تي اتف??ق ڪيو، روس سان پاڪستان جي ڊگهي مدي وارن بنيادن تي تيل ۽ گئس جي فراهمي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب روسي وفد جي آجيان ڪندي وزير??عظ?? روس سان لاڳاپن جي پاڪستان جي لاءِ اهميت تي روشني وڌي. هن سيپٽمبر 2022ع ۾ ثمرقند ۾ صدر ولادي مي?? پيوٽن سان پنهنجي ملاقات کي ياد ڪندي چيو ته ان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ روس جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا هئا. هن واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي معاملن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن جي گهري خواهش جو پڻ ذڪر ڪيو. روس ??ي توانائي وزير وزير??عظ?? کي روسي صدر ولادي مي?? پيوٽن جو خصوصي پيغام پهچايو جنهن ۾ صد?? پيوٽن پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا ۽ اسلامي دنيا ۾ روس جو اهم حصيدار قرار ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ روس جي ڀرپور دلچسپي کي ورجايو. ٻنهي طرفن ٻطرفي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن ??ي ترقي جي لاءِ توانائي جي شعبي جي اهميت تي اتف??ق ڪيو. ان سلسلي ۾ روس سان پاڪستان جي ڊگهي مدي واري بنيادن تي تيل ۽ گئس جي فراهمي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گئس پائيپ لائينز سان لاڳاپيل معاملن جو پڻ جائزو ورتو ويو. وزير??عظ?? 20 جنوري 2023ع تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ پاڪ روس بين الحڪومتي ڪميشن جي اجلاس جي اٺين دور جي معاملن تي رهنمائي فراهم ڪئي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ ۽ وزير??عظ?? جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا.