اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شري?? ڀائر ملڪ ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ م??د جي لاءِ وزيراعظم ريليف فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪابينا هڪ مهيني جي پگهار امدادي ??نڊ ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. وفاقي وزير مريم اونگزيب چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف سرنديءَ وارن ماڻهن کي ڀائر ملڪ ترڪيه جي وڏي دل سان مدد جي اپيل ڪئي آهي.