اس??ام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي پوليس آفيس تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي دهشتگردن جي خل??ف ڀرپور ڪارروائي تي پول??س ۽ سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ۽ شاباس ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگرد حملي جو سخت نوٽيس وٺي ورتو، سنڌ جي وڏي وزير کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. وزيراعظم دهشتگردن جي خل??ف ڀرپور ڪارروائي تي پول??س ۽ سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ۽ شاباس ڏني. وزيراعظم شهباز شريف وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان کي دهشتگردن جي خل??ف آپريشن ڪلين اپ ۾ وفاقي حڪومت پاران مڪمل تعاون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته دهشتگردي جو ناسور ختم ڪرڻ جي لاءِ پوري رياستي قوت ۽ حصيداري عمل کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي کي نشانو بڻايو آهي، اهڙي طرح جي بزدلاڻي ڪاررواين سان پول??س ۽ قانون لا??و ڪندڙ ادارن جي ارادن ۽ عزم کي ٽوڙي نه ٿو سگهجي، پوري قوم پول??س ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي صحتيابي جي دعا ڪئي.