اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي سربراهه جي حيثيت سان 8 مارچ تي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ ”اسلام ۾ عورتون: اسلامي دنيا ۾ عورتن جي حقن ۽ سڃاڻپ کي سمجهڻ“ جي موضوع تي هڪ ڏينهن جي ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ان ڪانفرنس جو اهتمام گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ عورتن جي حيثيت بابت گڏيل قومن جي ڪميشن جي 67 هين اجلاس جي موقعي تي ڪري رهيو آه??. ڪانفرنس جو مقصد اسلام ۾ عورتن جي حقن با??ت تصور ۽ حقيقت جي فرق کي ختم ڪرڻ ۽ مشهور مسلمان عورتن جي تجربن ۽ ڪاميابين جو جشن ملهائڻ آه??. ان فورم جو مقصد عورتن جي حيثيت بابت گڏيل قومن جي ڪميشن ??ي اجلاس جي موقعي تي هڪ سالياني پاليسي ڊائيلاگ قائم ڪرڻ آه?? ته جيئن چئلي??جن کي منهن ڏيڻ ۽ او آءِ سي ملڪن ۾ عورتن جي ڪردار کي اڳتي وڌائڻ جا موقعا ڳوليا وڃن.