اسلام آباد – 24 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان فارن آفيس وومين ايسوسيئيش?? جي هڪ وفد تباهي آڻ??ند?? زلزلي متاثر ترڪيءَ ۽ شام جي عوام لاءِ عطيو ڏيڻ جي لاءِ ترڪيءَ جي سفير مهمت پڪاسي ۽ شام جي سفير رميز الراعي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان فارن آفيس وومين ايسوسيئيش?? جي صدر مسز زنيره اسد انهن کي چيڪ پڻ ڏنو. پاڪستان فارن آفيس وومين ايسوسيئيش?? جي صدر ٻنهي ملڪن ۾ زلزلي سان قيمتي جاني?? جي افسوسناڪ نقصان ۽ وڏي پئماني تي ٿ??ند?? تباهي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن مارجي ويل?? جي لاءِ دعا ۽ باهمت ڀائر عوام جي صحتيابي جي لاءِ دعا پڻ ڪئي. ترجمان موجب پاڪستان فارن آفيس وومين ايسوسيئيشن پاران ڏنل عطيو ضرورت جي هن و??ت ترڪيءَ ۽ شام جي ڀائر عوام جي لاءِ پرڏيهي وزارت جي يڪجهتي ۽ حمايت کي ظاهر ڪري ٿو. پاڪستان فارن آفيس وومين ايسوسيئيشن ملڪ ۾ 2005ع جي زلزلي، 2010ع ۽ 2022ع جي ٻوڏ سميت ٻاهرئين ملڪ ۽ قومي سطح تي قدرتي آفت?? جي متاثري?? جي ڀلائي ۽ هنگامي امداد جي ڪوششن ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو آهي. پاڪستان فارن آفيس وومين ايسوسيئيشن هڪ رجسٽرڊ غيرسرڪاري تنظيم آهي، جيڪا پاڪستان فارن سروس جي آفيسر?? جي گهروارين ۽ پاڪستا?? جي عورت سفارتڪارن کي خيراتي ڪم?? جي لاءِ گڏ ڪري ٿي.