اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ ۾ وفاقي حڪومت جي جاري ترقياتي منصوبن کي جلد کان جل?? مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ??ه عوامي ڀلائي جي لاءِ وفاق ۽ ص??بن کي گڏجي ڪم ڪر??و آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي جنهن ۾ سنڌ سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ??ه عوامي ڀلائي جي لاءِ وفاق ۽ ص??بن کي گڏجي ڪم ڪر??و آهي. سنڌ صوبي ۾ وفاقي حڪومت جي جاري ترقياتي منصوبن کي جلد کان جل?? مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته ٿر ڪول جي منصوبي سان نه رڳو ملڪ ۾ توانائي جي ضرورت پوري ٿيندي پر علائقي ۾ ترقي جون نيون راهون کلنديون.