اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪوئيٽا ۾ قومي راندين جي مقابلن جو انعقاد پاڪستاني قوم ج?? دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فتح جو نشان آهي، هي ملڪ دشمن عنصرن، انتشار ۽ دهشت پکيڙيندڙن کي کليل پيغام آهي ته ??اڪستاني بهادر قوم مشڪلن کي شڪست ڏئي پنهنجو رستو ٺاهڻ ڄاڻ?? ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ هن پاڪستان جي 34 هين راندين جي قومي مقابلن جو افتتاح ڪيو، ڪوئيٽا ۾ 19 سالن کانپوءِ اهي رانديون منعقد ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ??نهنجي لاءِ اها اعزاز جي ڳالهه آهي ته انهن راندين جو افتتاح ??ائداعظم محمد علي جناح 1948ع ۾ ڪيو هو ۽ اڄ مون کي بطور خادم پاڪستان انهن راندين جي شروعات ڪرڻ جو موقعو مليو، اڄ جو ڏينهن ان لاءِ به انتهائي اهميت رکندڙ آهي ته انهن راندين جو انعقاد پاڪستاني قوم ج?? دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فتح جو نشان آهي. وزيراعظم چيو ته ??وري ملڪ مان آيل 6000 رانديگرن سان ڀريل ايوب اسٽيڊيم ستارن جي هڪ ڪهڪشان جو منظر پيش ڪري رهيو هو، مون کي اهو ڄاڻي تمام گهڻي خوش?? ٿي ته انهن مقابلن ۾ عورت رانديگرن جو وڏو انگ شرڪت ڪري رهيو آهي جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ??اڪستان جون باصلاحيتون عورتون ڪنهن به ميدان ۾ مردن کان ڪنهن به طرح پٺتي نه آهن. هن چيو ته انهن راندين جو انعقاد ملڪ دشمن عنصرن، انتشار ۽ دهشت پکيڙيندڙن کي کليل پيغام آهي ته ??اڪستاني قوم هڪ بهادر قوم آهي جيڪا مشڪلن کي شڪست ڏئي پنهنجو رستو ٺاهڻ ڄاڻ?? ٿي.