اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه ??حمود قريشي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ بي اعتمادي رٿ کي بنا ووٽنگ جي رد ڪرڻ تي پيدا ٿيندڙ صورتحال تي ورتل نوٽيس ڪيس کي ??ڌي رهي آهي، فل ڪورٽ جوڙڻ جو مع??ملو چيف جسٽس جو اختيار آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شاهه ??حمود قريشي چيو ته مخالف ڌر جي ڪجهه ??يمبرن اعتراض ڪيو ته کين فل ڪورٽ بينچ گهرجي، اهو چيف جسٽس جو اختيار آهي ته فل ڪورٽ جوڙڻي آهي يا نه، ه?? چيو ته سپريم ڪورٽ جو پنج رڪني بينچ عدم اعتماد کي بنا ووٽنگ رد ڪرڻ تي پيدا ٿيندڙ سياسي صورتحال تي ورتل نوٽيس ڪيس کي ??ڌي رهي آهي ته سپريم ڪورٽ ان ڪيس کي تفصيل سان ٻڌڻ چاهي ٿي، مخالف ڌر کي عدليه جو احترام نظر ۾ رکڻ گهرجي. جهانگير ترين ۽ عليم خان بابت پڇيل سوال هڪ سوال جي جواب ۾ ه?? چيو ته انهن بابت ڪجهه ??ٿو چوڻ چاهيان، ڌمڪي واري خط بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ شاهه ??حمود قريشي چيو ته اهو حساس مع??ملو آهي هن وقت ڳالهه ڪرڻ مناسب نه آهي، جلد ان بابت به ٻڌايو ويندو.