اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير مهمت پڪاچي پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته پ??ڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي گهرا ڀائراڻا عوامي لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هر مشڪل گهڙيءَ ۾ هڪ ??ئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ??ڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دورا?? ترڪيه پ??ران معاونت ساراهه جوڳي آهي. ترڪيه جي سفير زلزلي دوران پاڪستان پاران بهترين تعاون تي ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفن ۽ گهڻ رخي فورمز ۾ تعاون ??ي لاءِ عزم جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ته ٻنهي ملڪن واپار، سيڙپڪاري، دفاع، علائقائي تعاون، تعليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي حوالي سان گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.