اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ايئرلائينز پاران سعودي ع??ب ويندڙ مسافرن کان اضافي ڪرايو ??صول ڪرڻ جي اطلاع تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ سعودي ع??ب ويندڙ پاڪستاني ڀائرن جي لاءِ هر ممڪن سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ??ڃي. سعودي حڪومت ڪرونا وائرس جي ڪري سعودي ع??ب کان ٻاهر پاڪستانين کي 72 ڪلاڪن ۾ سعودي ع??ب واپس پهچڻ جي ڊيڊ لائين ڏني آهي، سعودي ع??ب ويندڙ سمورن پاڪستانين کان ايئرلائينز جي اضافي ڪرائي وصول ڪرڻ جون شڪايتون اچي رهيون هيون جنهن تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر هوابازي واري وزير غلام سرور خان سان رابطو ڪيو ۽ وڌيڪ ڪراين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.