اسلام آباد – 20 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرونا وائرس خلاف جنگ ۾ پوري قوم کي ساٿ ڏيڻو پوندو، ملڪي ??عي??ت ۽ غريب عوام مڪمل لاڪ ڊائون جي سٽ سگهي نٿي سگهي، اسان کي چين جي طرح سماجي ڊسيپلين جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، موجوده حالتن ۾ معاشي توازن قائم رکڻ لاءِ ايندڙ هفتي پيڪيج جو اعلان ڪ??و ويندو، عوام افراتفري جو شڪار ٿيڻ بدران احتياطي تدبيرون اختيار ڪري، ميڊيا کي ان سلسلي ۾ سنسني پکيڙڻ کان پاسو ??ند?? ذميداراڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، عالمي برادري ايران تان پابنديون ختم ڪري ته جيئن هو ان آفت تي ضابطو آڻي سگهي. هو سينئر صحافين سان ڪرونا وائرس جي حوالي س??ن هڪ ويهڪ ۾ خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو.